حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ حسين سومري ۽ علي محمد ڪلمتي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جي حصي پتيءَ جي پاڻي تي زبردستي ڌاڙا ھڻي ۽ سمنڊ ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏي تمر جا ٻيلا ختم ڪري حڪمرانن ھٿ وٺي سامونڊي پٽي ۾ تباھي آندي آھي. جيڪڏھن سمنڊ ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ھا، ڊيم ٺاھي سنڌو درياءَ کي سڪايو نه وڃي ھا، سنڌو درياءَ جي پوچڙ ۾ قائم تمر جي ٻيلن کي تباھ نه ڪيو وڃي ھا ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي ايتري تباھي نه آڻي ھا، جيتري تباھي جو ھن وقت امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي. اڳواڻن چيو تھ سامونڊي طوفان کان بچاءَ لاءِ سنڌ توڙي وفاقي حڪومت ڪي بھ مناسب بندوبست ناھن ڪيا. سنڌ توڙي وفاقي حڪومت فنڊ جاري ڪرڻ ۾ پوري آھي جڏھن تھ عملي طور ماڻھن تي ڪجھ بھ خرچ ناھي ٿيو، ڪيمپن ۾ ھڪ تھ گنجائش کان وڌيڪ ماڻھن کي رھايو ويو آھي ٻيو وري کين پاڻي، کاڌ خوراڪ ۽ صحت جي سھولتن سميت ڪا بھ سھولت ناھي ڏني وئي، ماڻھو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ڪيمپن جو تعداد گھٽ ھئڻ سبب اڪثر گھراڻا روڊن ۽ رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آھن. اڳواڻن وڌيڪ چيو آھي تھ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي پنجاب جي حڪمرانن ڌاڙا ھڻي، ڌاريل واھ، ڪينال ۽ ڊيم ٺاھي سنڌ جي سامونڊي علائقي کي تباھ ڪيو آھي. ھڪڙي پاسي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو تھ ٻئي طرف وري قبضا مافيا کي مچائي مواڙ ڪري ٻيلا وڍرائي زمينن تي قبضا ڪيا ويا. سنڌو درياءَ جي پوڇڙ دنيا ۾ ستون نمبر تمر جي ٻيلن جو مرڪز ھئي، پر انھن ٻيلن کي تباھ ۽ برباد ڪري ماحولياتي تباھي آندي وئي آھي. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا ھڻي پنجاب جي حڪمران طبقي جون زمينون آباد ڪيون ويون نتيجي ۾ سنڌ جون صدين کان آباد ۽ زرخيز زمينون بنجر بڻجي ويون ۽ سامونڊي پٽي جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳھي ويو، ڪيترائي ڳوٺ تباھ ٿي چڪا آھن. اڳواڻڻ مطالبو ڪيو آھي تھ تمر جا ٻيلا تباھ ڪندڙ حڪمرانن ۽ ڪامورن مٿان ڪيس ھلائي کين ڪڙوڙين ماڻھن سميت آبي جيوت توڙي پکي پکڻ ۽ ڪيترن ئي جانورن جي نسل ڪشي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ کين سزائون ڏنيون وڃن. سنڌ_پنجاب پاڻي ٺاھ 1945ع تحت سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌ کي ڏنو وڃي، ان سان گڏ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت طرفان طوفان کان بچاءَ جي نالي ۾ ڪڙوڙين روپين جي ڪرپشن جو ٺاھيل پروجيڪٽ بند ڪيو وڃي، طوفان جي بچاءُ لاءَ رکيل بجيٽ صاف ۽ شفاف نموني خرچ ڪئي وڃي، ان سان گڏ جيڪي ڳوٺ ۽ شھر سمنڊ ڳھي ويو آھي انھن ماڻھن کي ڪراچي ۾ پلاٽ ڏيئي انھن لاءِ فيڪٽريون قائم ڪري کين روزگار، تعليم، صحت سميت سموريون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن.










