تفريحي ماڳ کلڻ بعد عوام جي رش، خلق خوش

تفريحي ماڳ کلڻ بعد عوام جي رش، خلق خوش

ملير(رپورٽ طارق جان سهتو)تفريحي ماڳ کلڻ کانپوءِ عوام ۾ سرهائي ، واٽر پارڪن ۽ تفريح ماڳن تي ماڻهو فيملين سان پهچي ويا ڪورونا وبا5 مهينا ماڻهن کي اذيت جو شڪار بڻائي ڇڏيو هو، سڄي دنيا جيان سنڌ به ڪورونا وائرس سبب سخت متاثر ٿي، جنهن سبب ماڻهن کان خوشيون ڄڻ ته رسي ويون هيون،  ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطي کانپوءِ سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به ڪاروباري سرگرميون بحال ٿي ويون آهن، سڄي پاڪستان ۾ تفريحي ماڳ کولڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران ايس او پيز تحت تفريحي ماڳ، واٽر پارڪ کولڻ واري اعلان بعد بن قاسم سميت سڄي سنڌ جي اندر تفريحي ماڳ، واٽر پارڪ کولڻ واري عمل تي عوام ۾ خوشي واري لهر ڇانيل آهي، ان سلسلي ۾ پيراڊائيز آئيس لينڊ واٽر پارڪ ، گڏاپ جي وائلڊ وينچر واٽر پارڪ ، چوڪندي قبرستان  سميت ٻين تفريح ماڳن تي ماڻهن جي پهچڻ سبب رونقون بحال ٿي ويون آهن اتي سنڌ جي نامور اداڪارن علي گل ملاح، سهراب سومرو سميت سوين فيملين پهچي انجواءِ ڪيو ، سنڌ حڪومت پاران واٽر پارڪن ۽ تفريحي ماڳن کي کولڻ واري عمل کي ساراهيون ٿا، واٽر پارڪ کولڻ سبب گهرن ۾ بند ٿي ويل معصوم ٻار، عورتون ، ننڍا توڙي وڏا پارڪن تي پهچي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو