ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)پوليس پاران تفريحي ۽ ثقافتي ماڳن کي محفوظ بڻائڻ لاء سموري ضلعي ۾ پوليس فيسليٽيشن سينٽر ٺاھيا پيا وڃن انھي سلسلي ۾ اڄ مڪلي تي درگاھ عبدااللھ شاھ اصحابي جي مين گيٽ اڳيان فيسليٽيشن سينٽر جي قيام وقت ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان سنڌيار نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر سان ڳالھائيندي چيو تـ ھن کان اڳ ھڪ فيسيليٽيشن سينٽر ايشيا جي اھم ترين ڍنڍ ڪينجھر ڍنڍ تي به ٺاھيو ويو آھي جڏھن ته ضلعي جي مختلف تفريحي ۽ ثقافتي ماڳن تي اھڙا سينٽر پڻ ٺاھيا ويندا تـ جيئن سنڌ سميت پاڪستان ۽ ٻاھرين ملڪن کان ٺٽي تفريح لاء پھچندڙن کي ڪنھن تڪليف ۽ پريشانين کي منھن نـ ڏيڻو پوي انھي موقعي تي ون فائيو مددگار انچارج انسپيڪٽر فرحان شيخ ۽ ايس ايڇ او مڪلي نديم بيگ پڻ ايس ايس پي ٺٽو سان گڏ ھئا.










