ترڪي ۾ انسٽاگرام 9 ڏينهن تائين بند ٿيڻ کانپوءِ فعال

ترڪي ۾ انسٽاگرام 9 ڏينهن تائين بند ٿيڻ کانپوءِ فعال

انقرهه (ويب ڊيسڪ)ترڪي ڇنڇر جي شام سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام کي چالو ڪرڻ شروع ڪيو جڏهن ته لکين صارفين نو ڏينهن تائين رسائي وڃائي ويٺا.ترڪي جي وزير سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته انسٽاگرام جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ترڪ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي ملڪ ۾ ايپليڪيشن کي فعال ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته هو اسان جي مطالبن تي متفق آهن .ترڪ پرڏيهي وزير جي بيان کانپوءِ انسٽاگرام کي سڄي ملڪ ۾ فعال ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو