ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ امدادي ڪيمپون  قائم

ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ امدادي ڪيمپون قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڏکڻ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن رٽائرڊ محمد سعيد لغاري جي اڳواڻي ۾ ڏکڻ ضلعي جي چئن سب ڊويزنن ۾ ترڪي ۽ شام جي زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ امدادي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، ڪلفٽن، شاهه لطيفروڊ لياري ، مين صدر بازار سميت ٽاور تي لڳل ڪيمپن ۾ ماڻهو ڪپڙا، راشن، دوائون ۽ ٻيو سامان عطيو ڪري سگهن ٿا. ڪيپٽن رٽائرڊ محمد سعيد لغاري ڏکڻ ضلعي جي جي عوام سميت سمورن واپاري تنظيمن ۽ واپارين کي اپيل ڪئي آهي ته هو زلزلي متاثر ٿيل ماڻهن جي مدد ڪن. پاڪستان جي عوام هن ڏکئي وقت ۾ ترڪي ۽ شام جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان ڏکئي وقت ۾ برابر جا شريڪ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو