ترڪي سان واپار وڌائڻ بابت ويبينار ۾ واپارين جي دلچسپي

ترڪي سان واپار وڌائڻ بابت ويبينار ۾ واپارين جي دلچسپي

لاهور(ويب ڊيسڪ)مختلف چيمبرز جي تعاون سان ٽريڊ ڊولپمينت اٿارٽي، ترڪي سان واپاري امڪانن کي ڳولڻ لاءِ ويبينار جي ميزباني ڪئي، ترڪي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل بلال خان پاشا واپار جي امڪاني ۽ اڀرندڙ شعبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ترڪي جي درآمدي نظام، ترڪي ڏانهن ايڪسپورٽ جي رجحان، پاڪستاني ڪاروبار لاءِ موقعن ۽ چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ويبينار ۾ 100 کان وڌيڪ ڪمپنين شرڪت ڪئي، فورم ۾ فيصل آباد، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، ملتان، وهاڙي، ساهيوال ۽ منڊي بهاءُالدين جي چيمبرز جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. معزز چيمبرز جي ميمبرن ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙن پروگرامن سان واپارين کي ڄاڻ ملي ٿي. هنن زور ڀريو ته رابطي کي وڌائڻ ۽ واپاري برادريءَ لاءِ واپاري پروموشن ونگز جي رسائي کي وڌايو وڃي. ويبينار ۾ تفصيلي سوالن ۽ جوابن جو سيشن به ٿيو. جتي معزز قونصل جنرل ڪاروباري برادري جي سوالن کي جامع انداز ۾ جواب ڏيندي کين مطمئن ڪيو. ويبينار وڌيڪ دلچسپي پيدا ڪئي آهي سامعين جي وچ ۾ IT جي دائري بابت سکڻ لاءِ ، ترڪي ڏانهن رسد ۽ کاڌي جي شين جي برآمدات لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي به زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو