ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ترڪيه، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ موجود گڏيل دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو خواهشمند آهي، جنهن سان وچ اوڀر ۽ ان کان اڳتي هڪ نئون سيڪيورٽي اتحاد وجود ۾ اچي سگهي ٿو ۽ طاقت جي توازن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي.
بلومبرگ جي تازي رپورٽ موجب، معاملي کان واقف ماڻهن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ڳالهيون هڪ اعليٰ مرحلي تي پهچي چڪيون آهن ۽ معاهدو طئي ٿيڻ جو مضبوط امڪان موجود آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گذريل سال سيپٽمبر ۾ رياض ۾ اسٽريٽجڪ باهمي دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن تحت ٻنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي حملو ٻنهي جي خلاف جارحيت سمجهيو ويندو.
بلومبرگ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن اتحاد جي توسيع منطقي آهي، ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ آفريقا ۾ ترڪيه جا مفاد سعودي عرب ۽ پاڪستان سان هم آهنگ ٿي رهيا آهن.
رپورٽ موجب، ترڪيه هن معاهدي کي پنهنجي سيڪيورٽي ۽ دفاعي صلاحيت مضبوط ڪرڻ جو ذريعو پڻ سمجهي ٿو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪا جي اعتبار ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نيٽو سان وابستگي بابت سوال اڀري رهيا آهن، جيتوڻيڪ آمريڪا جا انهن ٽنهي ملڪن سان مضبوط فوجي لاڳاپا آهن.
انقره ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ ٽيپاو جي اسٽريٽجسٽ نهات علي اوزجان موجب، هن اتحاد ۾ سعودي عرب جي مالي طاقت، پاڪستان جي جوهري صلاحيت، بيلسٽڪ ميزائل ۽ افرادي قوت، جڏهن ته ترڪيه جو فوجي تجربو ۽ ترقي يافته دفاعي صنعت شامل ٿي سگهي ٿي.
بلومبرگ موجب، اوزجان چيو ته جڏهن آمريڪا علائقي ۾ پنهنجي ۽ اسرائيل جي مفادن کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، تڏهن بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي تڪرارن جا اثر ملڪن کي نوان اتحاد ۽ سيڪيورٽي ميڪنزم ٺاهڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.
پاڪستان جي وزارت اطلاعات ۽ ترڪيه جي وزارت دفاع هن معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته سعودي عملدار به بلومبرگ جي درخواست تي فوري طور تي دستياب نه هئا.
نئون دور
بلومبرگ موجب، جيڪڏهن ترڪيه هن اتحاد ۾ شامل ٿئي ٿو ته اهو سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي نشاندهي ڪندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سالن جي ڇڪتاڻ کانپوءِ ٻئي ملڪ اقتصادي ۽ دفاعي تعاون کي هٿي ڏئي رهيا آهن، ۽ هن هفتي انقره ۾ پهريون بحري اجلاس پڻ منعقد ٿيو.
رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته رياض ۽ انقره ٻئي ايران بابت ڊگهي عرصي کان خدشا رکن ٿا ۽ طاقت جي استعمال بدران سفارتي لاڳاپن کي ترجيح ڏين ٿا. پاڪستان جي حوالي سان، بلومبرگ نشاندهي ڪئي آهي ته ترڪيه پاڪستان نيوي لاءِ ڪورويٽ جنگي جهاز تيار ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان هوائي فوج جي ايف-16 جهازن جي اپگريڊيشن ۾ پڻ شريڪ آهي. ان کان علاوه ترڪيه ٻنهي ملڪن سان ڊرون ٽيڪنالاجي به شيئر ڪري رهيو آهي ۽ چاهي ٿو ته اهي ان جي پنجين نسل جي ڪان فائٽر جيٽ پروگرام ۾ به شامل ٿين.
رپورٽ موجب، هي ٽه طرفي دفاعي ڳالهيون پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مئي ۾ ٿيندڙ چار ڏينهن واري فوجي جهيڙي کانپوءِ طئي ٿيل جنگبندي جي پسمنظر ۾ سامهون آيون آهن.
بلومبرگ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ، ۽ ترڪيه ۽ قطر پاران ثالثي جون ناڪام ڪوششن جو به ذڪر ڪيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڊگهي عرصي کان دفاعي تعاون، اقتصادي مفادن ۽ گڏيل اسلامي ورثي تي ٻڌل رهيا آهن، جن ۾ مالي مدد ۽ توانائي جي فراهمي شامل آهي.
ٻئي پاسي، ترڪيه سان دفاعي تعاون پاڪستان لاءِ هڪ اهم ستون آهي. اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي 2023ع جي رپورٽ موجب، ترڪيه پاڪستان کي ٻيو وڏو هٿيار فراهم ڪندڙ ملڪ آهي، جيڪو پاڪستان جي ڪل هٿيار درآمدات جو 11 سيڪڙو بڻجي ٿو.
دفاعي ڀائيواري ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ ملگم جنگي جهاز، جهازن جي اپگريڊيشن ۽ ڊرون منصوبا شامل آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن.










