ترقياتي اسڪيمن ۾ نظرانداز، سنڌ جو وفاق سان احتجاج

ترقياتي اسڪيمن ۾ نظرانداز، سنڌ جو وفاق سان احتجاج

ڪراچي(استاف رپورٽر) وفاق ترقياتي اسڪيمن ۾ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر نظرانداز، سنڌ حڪومت جو عمران حڪومت آڏو سخت احتجاج، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ سنڌ صوبي کي عمران حڪومت ۾ ترقياتي اسڪيمن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي. عمران حڪومت ٻڌائي ته سنڌ کي پنجاب ۽ ڪي پي کان ترقياتي اسڪيمون گهٽ ڇو ڏنيون آهن؟ اسماعيل راهو چيو ته پنجاب کي 24 ارب33 ڪروڙ 80 لک ۽ ڪي پي ڪي کي 13 ارب 18 ڪروڙ ترقياتي ڪمن لاءِ ڏنا ويا آهن جڏهن ته سنڌ کي سڀ کان گهٽ رقم 5 ارب 70 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا ۽ اهي به وفاقي ادارن کي مليا. اسماعيل راهو جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته ملڪ کي 70  فيصد کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ سنڌ صوبو پنهنجي حصي جي ترقياتي اسڪيمن کان محروم آهي. راهو چيو ته سليڪٽڊ جي حڪومت سنڌ کي گيس، پاڻي، بجلي، اين ايف سي ۽ ترقياتي اسڪيمن ۾ به محروم رکيو آهي. نيازي صاحب رياست مدينه انصاف سان هلندي آهي انصاف جي قتل سان نه؟ هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ٻڌائن ته سنڌ جون ترقياتي اسڪيمون ڪٿي آهن؟

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو