ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب دادو ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. دادو جي تعلقي ميهڙ جي ٻن ڳوٺن ۾ باھ جو واقعو پيش آيو ان سلسلي ۾ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪمشنر حيدرآباد کي ٽيليفون ڪري واقعي جا سمورا تفصيل حاصل ڪيا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان متاثرن سان گڏ آهيون، سنڌ حڪومت متاثرن جي مالي مدد ڪندي. اهڙي وقت ۾ اسان متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پڻ وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ميمبر اقبال محمد علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي مغفرت ۽ بلند درجات جي دعا ڪئي آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب مرحوم جي پوئنرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اقبال محمد علي هڪ وضعدار شخصيت جو مالڪ هو، هن ملڪ ۾ راندين جي واڌاري لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون.










