پي ٽي آءِ کي فوج سان وڙهائڻ جي سازش ٿي پئي: عمران خان

پي ٽي آءِ کي فوج سان وڙهائڻ جي سازش ٿي پئي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف کي فوج سان وڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پر هي ملڪ منهنجو آهي، فوج به منهنجي آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي .هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪنهن جو ڪنٽرول ناهي، هو پي ٽي آءِ کان اليڪشن کٽي نٿا سگهن، تنهن ڪري کين ڪجهه ڪرڻو پوندو. عمران خان سوال ڪيو ته هن ڪهڙي غلطي ڪئي جو مٿس دهشتگردي جا ڪيس ٺاهيا ويا؟ جمهوريت ۽ آئين جو قتل ڪيو پيو وڃي، آئين جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، اليڪشن جو ماحول پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين، جلسو اربع تي ٿيڻو هو، هاڻي معلوم ٿيو آهي ته عدالت سڀاڻي فيصلو ڪندي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ پيشي جي موقعي تي پيدا ٿيل صورتحال بابت بيان ڏنو آهي.لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو ته ڇنڇر تي جڏهن هو زمان پارڪ روانو ٿيو ته هن بشرا بي بي کي الوداع چيو، مان ذهني طور جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان. مون کي خبر هئي ته مون کي جيل موڪليو ويندو يا قتل ڪيو ويندو.هن چيو ته ٽول پلازه کان جڊيشل ڪمپليڪس پهچڻ ۾ ساڍا 4 ڪلاڪ لڳي ويا.پيش ٿيڻ لاءِ وڃي رهيو هيس،عام ماڻهو خبر ناهي ڪٿان ڪٿان آيا ۽ گڏ هلڻ لڳا،اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جڊيشل ڪمپليڪس پهچڻ تي پوليس مٿان پٿراءُ ۽ شيلنگ ڪئي وئي، جڊيشل ڪمپليڪس ۾ اڻڄاتل ماڻهو موجود هئا، اسان جي وڪيلن تي لٺبازي ڪئي وئي.هن وڌيڪ چيو ته مون هڪ ماڻهو لاءِ ايتري پوليس ۽ ايف سي ناهي ڏٺي، مون سڄي زندگي اهڙيون حالتون نه ڏٺيون، هڪ شخص قانون جي بالادستي لاءِ اسلام آباد اچي ٿو ۽ ائين ٿئي ٿو.پوليس پاران پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي شيلنگ جي حوالي سان عمران خان چيو ته هن اهو به معجزو ڏٺو ته هوا جو رخ ان طرف هو جتان پوليس شيلنگ ڪري رهي هئي.چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته مان جڏهن ٻاهر نڪران ٿو ته منهنجي جان کي خطرو آهي، مون تي گوليون هلائيندڙ جو وڊيو بيان ٿي ٿو پر منهنجو نه ٿو، منهنجي خلاف 100 جي لڳ ڀڳ ڪيس آهن، مون ڪهڙي غلطي ڪئي جو مون تي دهشتگردي جا ڪيس ٺاهيا ويا؟ عمران خان چيو ته 30 اپريل تي اليڪشن ٿي رهي آهي پر ڪو به ماحول نه بڻايو پيو وڃي.مينار پاڪستان تي جلسي جي به اجازت نه ڏني پئي وڃي.جلسو اربع تي ٿيڻو هو، هاڻ خبر پئي ته سڀاڻي فيصلو عدالت ڪندي، جمهوريت ۽ آئين جو قتل ٿي رهيو آهي پر آئين جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، سمورا ثبوت گڏ ڪري انٽرنيشنل کي موڪلي رهيا آهيون هو انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موڪلي رهيا آهن، اهي ثبوت يورپي يونين کي به موڪليندا، سڀني کي ٻڌائيندا.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هتي ڪو به قانون ناهي، رڳو جنگل جو قانون آهي، هتي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪوڙ جي راڻي ائين هلي رهي آهي ڄڻ پاڪستان سندس جاگير آهي، هو چئي رهيو آهي ته منهنجو پيءُ نيلسن منڊيلا معاف ڪيو،هنن چيو ته پي ٽي آءِ انتشار نه پر چونڊون چاهي ٿي، هنن منهنجي گهر جون ڀتيون ۽ دروازا ٽوڙي ڇڏيا، مان بار بار چئي رهيو آهيان ته ڪنهن به قسم جو هٿيار نه کڻون، فوج به منهنجي آهي، ملڪ به منهنجو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو