تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار

تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) حڪومت سان ڳالهين (مذاڪرات) لاءِ تيار ٿي وئي آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پي ٽي آئي چيئرمين بيرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته اسان وزيراعظم جي آڇ جي آجيان ڪيون ٿا، اسان کي ٻڌايو وڃي ته انهن ڳالهين ۾ دير ڪهڙي ڳالهه جي آهي، اسان پي ٽي آئي جي باني تائين رسائي گهري آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته اڄ ايوان جي شروعات حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ سٺن لفظن سان نه ٿي، بار بار چئون ٿا ته برداشت جو مظاهرو ڪريو، ان سان ڇڪتاڻ ۽ نفرت ۾ گهٽتائي ايندي، ايوان کي مضبوط ڪرڻو آهي ته هڪ يادداشت تي صحيحون ڪرڻيون پونديون. پي ٽي آئي چيئرمين جو چوڻ هو ته اقبال آفريدي کي معطل ڪري چيو ويو ته هليا وڃو نه ته ڪڍي ڇڏيندس، توهان اقبال آفريدي کي اجلاس جي باقي ويري (دورانيي) لاءِ واپس وٺي اچو، رانا تنوير اسان کان معذرت ڪئي آهي، جنهن کي اسان قبول ڪيون ٿا. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 13 جون تي تحريڪ انصاف کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو