اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شفقت محمود سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ شفقت محمود چيو ته اڄ کان 34 سال اڳ مون سرڪاري نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي سياست ۾ قدم رکيو، تمام گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مون هاڻ سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته مان پنهنجي باقي زندگي لکڻ ۽ تدريس لاءِ وقف ڪرڻ چاهيان ٿو اهو فيصلو ڪنهن دٻاءُ جي ڪري نه ڪيو آهي ۽ نه ئي منهنجو ارادو ڪنهن ٻئي سياسي پارٽي ۾ وڃڻ جو آهي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته مان انهي ڳالهه سان مڪمل اتفاق ڪريان ٿو جيڪي چون ٿا ته سياست ۾ نوجوانن کي اڳيان آڻڻ گهرجي، مون کي اطمينان آهي ته مان هميشه پنهنجون سموريون ذميواريون نهايت ايمانداري سان سرانجام ڏنيون. الله جو شڪر آهي ته اڄ تائين منهنجي مٿان ڪنهن به ناجائز الزام نه لڳايو آهي.شفقت محمود وڌيڪ چيو ته بطور تعليم واري وزير جي طور تي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جهڙو نصاب ٺاهيو ۽ ڪووڊ جي مشڪل وقت ۾ تعليمي نظام کي ڪاميابي سان سنڀاليو مان اڳوڻي تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي انهي خدمت جو موقعو ڏنو.










