خانپورمھر(رپورٽ:آفتاب سيال) خانپورمهر پ پ ايم اين اي چيف سرادر محمد بخش خان مهر چيو آھي ته ڪٺپتلي سرڪار جي ڪيل ڪرتوتن جي ڪري ملڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ان مان نڪرڻ لاء گڏيل ڪوشش ڪري رھيا آھيون. حمز ه شھباز شريف جي وزير اعلي’ پنجاب جي حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏيندي پنھنجي بيان ۾ ھن چيو آهي ته آئين ٽوڙيندڙن کي ناڪامي نصيب ٿي آهي ۽ آئين جو احترام ڪندڙ۽ جمھوريت پسند ڪاميابي سان ھمڪنار ٿيا آهن .ھن اميد جو اظهار ڪندي چيو ته حمزه شھباز شريف پنجاب جي عوام جي اميدن تي پورو لھندو.ھن چيو ته پاڪستان آئيني , جمھوري ۽ فلاحي رياست طرف روان دوان آهي . چيف سردار محمد بخش خان مھر وڌيڪـ چيو ته ڪٺپتلي سرڪار جي ڪرتوتن جي ڪري ملڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ان مان نڪرڻ لاء گڏيل ڪوشش ڪري رھيا آھيون ۽ جلد عوام سک جو ساھ کڻندو. مديني پاڪ ۾ مسجد نبوي جي حرم ۾ پيش آيل ناخوشگوار واقعي تي ڳالھائيندي ھن چيو ته پي ٽي آء جي حامين پاران مسجد نبوي جي توھين ڪئي ويئي آھي. اھڙي عمل ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن.










