لنڊن (ويب ڊيسڪ)بگ بيش ليگ ۾ راشد خان، ڪارون پولارڊ ۽ ڊيوائن براوو کي ڊرافٽ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ڊرافٽ ۾ افغانستان، نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جا رانديگر شامل ڪيا ويا آهن.ڪرڪيٽ آسٽريليا پهريون ڀيرو پرڏيهي رانديگرن لاءِ ڊرافٽ سسٽم متعارف ڪرايو آهي.ويسٽ انڊيز جو شيلڊن ڪوٽريل، ايون ليوس ۽ شرفين رترفورڊ به ڊرافٽ ۾ شامل آهن.ان کان علاوه نيوزيلينڊ جو ڪولن منرو به بگ بيش ليگ جي ڊرافٽ جو حصو هوندو.










