ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي 57 هزار کان مٿي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ٻين کي منتقل ڪيو پيو وڃي. ڊفينس ڪراچي ۾ رهندڙن کي به گهر خالي ڪرڻ جو چيو ويو آهي. سامونڊي طوفان جا اثر سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، تيز هوائن سان گڏ سمنڊ ۾ چاڙهه سبب اونچيون لهرون ڪنارن سان ٽڪرائڻ شروع ٿي ويون آهن. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ سان گڏ اوچتو بنا پروٽوڪول شهر جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا، اونچا بل بورڊ سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي، قائد آباد جي پراڻي عمارت جو دورو ڪري انهن کي خالي ڪرڻ، ۽ بلڊنگ جي ڇت تي لٽڪندڙ سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم ڏنو، لٺ بستي، ريڙهي ۽ ابراهيم حيدري ۽ آسپاس جي پنج کان 10 هزار آبادي کي ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي عمارتن م رليف ڪيمپن قائم ڪيون ويون آهن. ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي 85 هزار کان ممڪنه متاثر ٿيندڙ آبادي مان 24150 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. 13650 ٻين ماڻهن کي به منتقل ڪيو پيو وڃي. توٽل 37755 ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي، ڪيٽي بندر، گهوڙا ٻاري، جي 11 هزار کان مٿي آبادي کي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، کاروڇاڻ جي 3 هزار آبادي، بدين مان 3500 ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته طوفان ٺٽو کان ڏکڻ طرف 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، 30 فٽ اونچيون لهرون هلن پيون. 15 جون تي سنڌ جي ڪيٽي بندر ۽ ڀارت جي گجرات ڪناري تي پهچندو، هوائن جي رفتار 100 کان 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿي سگهي ٿي، ڏاکڻي سنڌ ۾ مٽيءَ جو طوفان اڳ ۾ ايندو، جنهن بعد تيز گجگوڙ واري برسات پوندي. متاثر ٿيندڙ ضلعن ۾ ٺٽو، سجاول، بدين، ميرپور خاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الله يار، شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعا طوفان سبب متاثر ٿي سگهن ٿا. سامونڊي طوفان سبب ٿيندڙ تباهي ۽ جاني نقصان کان بچڻ لاءِ سول انتظاميا ۽ فوج ڀرپور تياري ڪري ورتي آهي. ڪيٽي بندر سميت سمنڊ جي ويجهو، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جا ڪيترائي شهر خالي ڪرايا ويا آهن. طوفان اچڻ کان اڳ 90 هزار ماڻهن کي ڪڍڻ جو هدف مڪمل ڪيو ويو آهي، متاثرن کي امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ڪينٽ، بدين ۽ حيدرآباد مان پاڪ فوج جا دستا امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ لاءِ ساحلي علائقن ڏانهن موڪليا ويا آهن، جڏهن ته ميرين سيڪيورٽي، رينجرز ۽ چونڊيل نمائندا سامونڊي پٽي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. اين ڊي ايم اي موجب بپر جوائي سامونڊي طوفان جو ڪراچي ۽ ٺٽي کان مفاصلو وڌيڪ گهٽجي ويو آهي، اڱاري جي اڱاري ڏينهن 12 وڳي ڌاري سامونڊي طوفان جي فاصلي 470 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.اين ڊي ايم اي موجب طوفان 140 کان 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي.سامونڊي طوفان جا اثر پڻ ظاهر ٿي رهيا آهن، ڪراچي، ٺٽي، بدين ۽ ٻين علائقن ۾ شديد رش آهي، جڏهن ته ڪراچي جي ساحلي شهر چشمه گوڙ ۾ پاڻي روڊن رستن تائين پهچي ويو آهي.

ساحلي علائقن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اضافو
ڪراچي جي ساحلي علائقن ۾ سامونڊي طوفان بپر جوئي سبب سمنڊ ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي.چشما گوڙ ۾ سمنڊ جي پاڻي ۾ مسلسل واڌ سبب چشما گوڙ جي روڊ ڪناري پاڻي پهچي ويو آهي ۽ ٻئي پاسي جا رهواسي اڃا تائين پنهنجا گهر نه خالي ڪري سگهيا آهن.ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي هڪ ماهيگير جو چوڻ هو ته لگي گوٿ جي جيٽي ۾ پاڻي جي سطح وڌي وڃڻ ڪري جيٽي جو ڪجهه حصو شام جي وقت پاڻي هيٺ اچي ويندو آهي.
NEOC Update #CycloneBiparjoy weakened into a Very Severe Cyclonic Storm,with w/speed of approx 140-150 km/h, 470 km South of Karachi,460 km of Thatta. It's evolving sit&impact will only be certain w/further dev of sys.https://t.co/TBWt0ziBw5
Source:Zoom Earth. NASA World View pic.twitter.com/JyUlG6o8dU— NDMA PAKISTAN (@ndmapk) June 13, 2023
رات دير سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي صدارت هيٺ اجلاس
ٻئي طرف ڪور ڪمانڊر ڪراچي بدين ۾ سامونڊي طوفان جي حوالي سان قدمن تي رات دير سان هنگامي اجلاس سڏايو، جنهن ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ جي او سي حيدرآباد سميت فوجي ۽ سول ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي، ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي بريفنگ ڏني وئي. ڪور ڪمانڊر ڪراچي بروقت تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.ڪراچي ڪمانڊر جي هدايت تي هر ممڪن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.











