ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو ڪرنسي بِٽ ڪوائن جي قيمت 4 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي. جون کان پوءِ پهريون ڀيرو بِٽ ڪوائن جي قيمت هڪ لک ڊالر کان به هيٺ ٿي وئي، 6.7 سيڪڙو گهٽتائي کان پوءِ ان جي قيمت 99,936 ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل مهيني بِٽ ڪوائن جي قيمت هڪ لک 26 هزار ڊالر تائين پهتي هئي، جنهن کان پوءِ مارڪيٽ ۾ اڄ تائين لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. بِٽ ڪوائن سان گڏ ٻين ڊجيٽل ڪرنسين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ٿي — اِٿيريم (Ethereum) جي قيمت ۾ 10 سيڪڙو ۽ ايڪس آر پي (XRP) ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. بِٽ ڪوائن جي قيمت ۾ هي گهٽتائي آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن تي به اثرانداز ٿي، جتي S&P 500 انڊيڪس ۾ 1.2 سيڪڙو ۽ نيزڊيڪ (Nasdaq) ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب، ڊجيٽل ڪرنسين جي قيمتن ۾ هن تازيهه گهٽتائي جو هڪ وڏو سبب سيڙپڪارن جو وڌندڙ غير يقيني حالتن سبب محتاط رويو اختيار ڪرڻ آهي.










