بُهه کڻڻ جي معمولي ڳالهه تان سوٽ هٿان سوٽ قتل

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دريا خان مستوئي ويجهو بھ (بوسي) کڻڻ جي معمولي ڳالهه تان ٻٻر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ فائرنگ سبب 30 ورهين جو نوجوان اربيلو ٻٻر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال پهچايو ويو ۽ ابتدائي طبي امداد بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جنهن کي واپس پوسٽ مارٽم لاء شهدادڪوٽ اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن اسپتال ۾ موجود زخمي جي وارثن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ بھ وٺڻ جي ڳالهه تان پنهنجي سوٽ تاج محمد ٻٻر سان منهن ماري ٿي پئي، جنهن کان بعد اڄ صبح جو سوير سندس سوٽ تاج محمد ٻٻر ڳوٺ ٻاهران پنهنجي زمين تي رونبي لاء ايندڙ اربيلو مٿان پسٽل جا فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿيو. فوتي نوجوان شادي شده ۽ 3 ٻارن جو والد هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو