سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته نيون فوجي عدالتون نه ٺهڻ گهرجن، اڳ ئي قانون ۽ عدالتون موجود آهن، انهن ۾ ڪيس هلايا ويندا.سيالڪوٽ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪوٺايل ريلي کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته اسان ڪنهن جا بنيادي حق کسڻ وارا ناهيون، قانون کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين.جن مجرمن وٽ فوجي ملڪيتن تي حملن جون وڊيوز آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.خواجا آصف چيو ته موجوده صورتحال ۾ هڪ سياسي اڳواڻ ۽ ليڊر فورسز کي نشانو بڻائي رهيا آهن، فورسز کي نشانو بڻائڻ ۾ ٻاهرين ماڻهن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، جوان وطن لاءِ جانون قربان ڪري رهيا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته 9 مئي تي پاڪستان جي وجود تي حملو ڪيو ويو، هڪ شخص اهو حملو رڳو پنهنجي اقتدار لاءِ ڪيو.جي ايڇ ڪيو تي حملو ڀارت جي مقصدن ۾ شامل آهي. شهيدن جي خاندانن تي ڇا گذرندو هوندو جڏهن ڪو گروهه مقدس يادگارن تي حملو ڪندو. هن چيو ته مون کي ڪڏهن به ڪنهن جي وفاداريءَ تي شڪ ناهي پر مون کي انهن جي نيت تي شڪ آهي جن 9 مئي تي حملو ڪيو.










