لاهور (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جو سربراهه امين الاسلام پاڪستان پهچي ويو آهي.ذريعن موجب، بنگلاديش بورڊ جو صدر پي سي بي ۽ آءِ سي سي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو امڪان آهي.بي سي بي جو صدر امين الاسلام اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ شام جو ڍاڪا لاءِ روانو ٿيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ جا ٻيا ميمبر اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو امڪان آهي.بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه امين الاسلام پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي سان به ملاقات ڪندو.










