بي بنياد ڳالهيون اظهار ۽ صحافت جي آزادي لاءِ خطرو آهن

بي بنياد ڳالهيون اظهار ۽ صحافت جي آزادي لاءِ خطرو آهن

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بي بنياد ڳالهيون اظهار ۽ صحافت جي آزادي لاءِ خطرو آهن.هن چيو ته 2024ع مختلف ملڪن ۾ چونڊن جو سال آهي، پاڪستان، انڊونيشيا، ڀارت، آمريڪا ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن.نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رهيون آهن، انڊونيشيا ۾ هڪ هفتي بعد چونڊون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته آمريڪا ۾ نومبر ۾ چونڊون ٿينديون.هن چيو ته پاڪستان ۾ اڄ شام جي بلاگرز جو خطرو مختلف سببن جي ڪري سامهون آيو آهي، انهن جي بي بنياد ڪهاڻين تي لکين رايا اچي رهيا آهن، اهو اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي لاءِ تمام وڏو خطرو آهي.مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان هٽلر جي دور جي پروپيگنڊا جي ڳالهه ڪندا هئاسين ۽ اڄ به ڪري رهيا آهيون، هاڻي ممڪن آهي ته گهٽ پئسن ۾ مصنوعي آواز ۽ تصويرون ٺاهي سگهون.هن چيو ته صحافت کي عوام جي راءِ جي حق جو دفاع ڪرڻو پوندو، نيوز رومز کي فيڪٽ چيڪ ڊپارٽمينٽ ٺاهڻا پوندا ته جيئن حقيقتن تائين پهچي سگهجي.نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 15 ڪروڙ ماڻهن وٽ موبائيل فون آهن، سچ ماڻهن تائين پهچائڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو