اسلام آباد (بيورو ) متحده حڪومت جي اتحادي جماعت بي اين پي مينگل جي ڪنهن ميمبر وفاقي ڪابينه جو حلف نه کنيو جڏهن ته باپ پارٽي پاران اسرارالله ترين کي ڪابينه جو ميمبر بڻايو ويو آهي ۽ هن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي ايوان صدر ۾ حلف کڻڻ واري تقريب کان پوءِ باپ پارٽي جي اڳواڻ اسرارالله ترين چيو ته هو پارٽي فيصلي تحت وفاقي وزير بڻيو آهي ۽ کيس دفاعي پيداوار جو کاتو ڏنو ويو آهي. جڏهن ان کان پڇا ڪئي وئي ته موجوده حڪومت سان ڇا لاڳاپا آهن ته هن چيو ته اسان کلي دل سان حڪومت جو حصو بڻيا آهيون ۽ چاهيون ٿا ته هي نظام هلي ۽ ملڪ جا مسئلا حل ٿين. ذريعن موجب بي اين پي مينگل ڪجهه معاملن تي خدشا ۽ گورنر بلوچستان ان جي پارٽي مان نه کڻڻ جي معاملي تي حتمي فيصلو نه ٿيڻ تائين وفاقي ڪابينه جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪيو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهبازشريف جلد بي اين پي جي صدر اختر مينگل سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ بي اين پي کي ڪابينه ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي ڪيو ويندو.










