ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) جو ڪمانڊر نواز علي رند اندروني ويڙهه ۾ مارجي ويو.نواز رند پاڙيسري ملڪ ۾ پراسرار حالتن ۾ فوت ٿي ويو، شدت پسند نواز علي رند جو تعلق آواران سان هو، جيڪو 2014 کان بي ايل ايف جو اهم ميمبر هو.بي ايل ايف ڪمانڊر نواز علي رند سڪيورٽي فورسز تي ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هو.گلزار امام شمبي جي گرفتاري کانپوءِ ويڙهاڪ گروپن ۾ ورهائجي وئي آهي، بلوچ عليحدگي پسند تنظيمن جي اتحاد براس کي به سخت نقصان پهتو آهي.دهشتگرد تنظيمن گهيرو ڪري پنهنجا ئي ڪمانڊر مارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جماعت الاحرار جو ڪمانڊر سربڪيف مهمند به اهڙين حالتن جو شڪار ٿيو هو.










