بي آر ٽي منصوبي ۾ يوٽيلٽي رڪاوٽن کي اڳواٽ ختم ڪرڻ جا حڪم

بي آر ٽي منصوبي ۾ يوٽيلٽي رڪاوٽن کي اڳواٽ ختم ڪرڻ جا حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ حڪومت ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي مقرر وقت اندر تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀني يوٽيلٽي رڪاوٽن کي اڳواٽ ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته منصوبي ۾ دير کان بچڻ لاءِ يوٽيلٽي شفٽنگ ۽ ري لوڪيشن سان لاڳاپيل سمورا قدم فوري طور مڪمل ڪيا وڃن. اهي هدايتون سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس دوران جاري ڪيون ويون، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ييلو لائين بي آر ٽي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال دايو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي تعميراتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ منصوبي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ييلو لائين جي اختيارين سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي منصوبي جي مختلف حصن تي جاري تعميراتي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سمورا ڪم رٿابندي موجب جاري آهن ۽ اميد آهي ته ايندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي تائين منصوبي جا ڊپو مڪمل ٿي ويندا. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته عوام کي پيش ايندڙ تڪليفن کي نظر ۾ رکندي تاج حيدر پل جي ٻئي حصي جو ڪم جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته منصوبي جي رفتار هر صورت برقرار رکي وڃي ۽ تعميراتي ڪم ۾ پيش ايندڙ سموريون رڪاوٽون فوري طور ختم ڪيون وڃن. سندس چوڻ هو ته يوٽيلٽي شفٽنگ ۽ ري لوڪيشن سان لاڳاپيل سمورا معاملا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن منصوبي جي تڪميل ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿئي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائين بي آر ٽي ڪراچي جي عوام لاءِ انتهائي اهم عوامي منصوبو آهي ۽ ان جي مقرر وقت اندر تڪميل سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته گڏيل سهڪار، مؤثر رابطي ۽ بروقت فيصلن ذريعي منصوبي کي درپيش سمورن مسئلن کي فوري طور حل ڪيو وڃي ته جيئن منصوبو مقرر وقت اندر مڪمل ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو