بيٽ جو نشان واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل

بيٽ جو نشان واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) بيٽ جي چونڊ نشان واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ طرفان درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي 13 جنوري جي انٽرا پارٽي چونڊن جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو بحال ڪري، انٽرا پارٽي چونڊون پارٽي آئين موجب ڪرايون ويون.پي ٽي آءِ درخواست ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي انٽرا پارٽي چونڊن جو جائزو وٺڻ جو اختيار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو