بيلا حديد اداڪاري جي دنيا ۾ اچڻ لاءِ تيار

بيلا حديد اداڪاري جي دنيا ۾ اچڻ لاءِ تيار

لاس اينجلس (شوبز نيوز) فلسطيني نسل جي آمريڪي ماڊل بيلا حديد اداڪاري جي دنيا ۾ اچڻ لاءِ تيارآهي جنهن اداڪاري جي ميدان ۾ لهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اعلان ڪندي بيلا حديد لکيو ته بهترين ڪاسٽ ۽ عملي سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ پُرجوش آهيان. بيلا حديد هڪ مضمون جو اسڪرين شاٽ به شيئر ڪريو. بيلا حديد “ رامي” نالي ويب سيريز کان پنهنجي اداڪاري جي ڪيريئر جو آغاز ڪندي، جڏهن ته اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيس سگهيو ته “رامي” ۾ هو ءَ ڪهڙي ڪردار ۾ نظر ايندي. ويب سيريز جي ڪهاڻي هڪ اهڙي مصري نسل جي نوجوان جي زندگي تي آهي، جنهن جي پالنا پناهگير والدين ڪندا آهن ۽ ان دوران خاندان کي وڏيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو