بيدل مسرور جي پٽ جي گمشدگي،زين شاهه جي  مذمت

بيدل مسرور جي پٽ جي گمشدگي،زين شاهه جي مذمت

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ پاران سنڌ جي قومي راڳي بيدل مسرور جي نوجوان پٽ هنس مسرور جي جبري گمشدگي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي سيد زين شاھ چيو تـ سموري سنڌ لاقانونيت جي ور چڙهيل آهي سنڌ جي عوام جي جان مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي جيڪڏهن هنس مسرور تي ڪو ڪيس داخل آهي ته کيس عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي بيدل مسرور سموري حياتي سنڌ جي عوام جي سجاڳيءَ لاءِ آواز اٿاريو آهي هن ڏکي وقت ۾ هو اڪيلو ناهي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ساڻس گڏ آهي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آ۽جي سنڌ کان مطالبو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي هنس مسرور جي ڀازيابي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو