بيدردي سان قتل ٿيل پيرسن جو قاتل پوليس هٿان گرفتار

بيدردي سان قتل ٿيل پيرسن جو قاتل پوليس هٿان گرفتار

ڀرياسٽي (شمشاد علي منگي) هڪ مهينو اڳ گورنمينٽ هائيرسڪينڊري اسڪول ڀرياروڊ ڀرسان ياسين ڪالوني واسي رازڪو ڪم ڪندڙ مستري 50 سالا اقبال آرائين کي بيدردري سان تيز ڌار اوزار سان قتل ڪري فرار ٿيندڙ جوابدارنوجوان محمد علي پٽ اصغر چانڊيو کي ڀرياروڊ پوليس قتل ۾ استعمال ٿيل تيز ڌار اوزار سميت گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ قتل ۾ ملوث جوابدار 17 سالا نوجوان محمد علي چانڊيو ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته مستري اقبال سان گڏ مزدوري ڪندو هيس جنهن انهي شام مون کي ڪال ڪري گهرايو ۽ مون کي غلط ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ته جنهن تي مان هن کي منع ڪيو پر ان باوجود هو نه مڙيو تنهن بعد مان ڪاوڙ ۾ اچي کيس ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويس. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان ڀرياروڊ ويجهو ڳوٺ حاجي سوڍو خان جو رهواسي آهيان ۽ مان 11هين ڪلاس جو شاگرد پڻ آهيان . ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڀرياروڊ محمد عالم ڀنگر ٻڌايو ته جوابدار کي خفيه اطلاع تي قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار سميت گرفتار ڪيو آهي جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ته قتل ۾ ڪي ٻيون ڌريون ته ملوث نه آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو