لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور جي احتساب عدالت ۾ عثمان بوزدار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اڳوڻو وڏو وزير عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جوابدار ڄاڻڻ چاهين ٿا ته الزام ڇا آهي، جڏهن ته نيب عدالت کي ٻڌايو ته عثمان بوزدار کان جاچ ناهي ٿي.فاضل عثمان بوزدار کان پڇاڻو ڪيو ته جاچ ۾ شامل ڇو نه ٿيو، اڳوڻي وڏي وزير چيو ته جلد جاچ ۾ شامل ٿيندس، عذر نه ڪيو، شادي عذر ناهي، بوزدار صاحب، شادي ۾ ڇا ٿيڻ گهرجي؟ 10 ڏينهن جي تاريخ گهري رهيا آهيون، خدا جو خوف ڪريو، جاچ ۾ شامل نه ٿيو ته مون کان رليف نه ملندو، نيب کان به پڇاڻو ڪيو وڃي، ثبوتن جي بنياد تي جاچ شروع ڪئي وڃي.معزز جج جي ريمارڪس تي عثمان بوزدار چيو ته نيب چوي ٿو ته منهنجا 10 ارب جا اثاثا آهن، منهنجي سڄي قبيلي جا 10 ارب جا اثاثا ناهن.بعد ۾ عدالت ڪيس ۾ عثمان بزدار جي ضمانت ۾ 7 مارچ تائين واڌ ڪندي کيس جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت عثمان بوزدار کي 3 مارچ تي نيب آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي انڪوائري جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.










