تائيوان جي پر عزم محققن اوڀر ايشيا جو سڀ کان اونچو سڃاتل وڻ تائيوان جي ڊگهن درياهن مان هڪ جي ويجهو هڪ اڪيلائي واري وادي ۾ ڳولي لڌو آهي. ٽيم هن عظيم الشان صنوبر جي وڻ کي “دا آن درياهه جي بهشتي تلوار” (Heaven Sword of the Da’an River) جو نالو ڏنو آهي، جيڪو مشهور ناول نگار Jin Yong جي مارشل آرٽس ناولن ۾ بيان ڪيل افسانوي هٿيار ڏانهن اشارو آهي۔
محققن جو اندازو آهي ته هيون سورڊ، يعني بهشتي تلوار جيڪو 84.1 ميٽر (276 فوٽ) اونچو آهي، لڳ ڀڳ هڪ هزار سال پراڻو آهي. تائيوانيا صنوبر جي هن وڻ جي سڃاڻپ لاءِ ڳولا جو سفر ڏهن سالن تي پکڙيل رهيو. تائيوان جي ڏاکڻين جبلن ۾ رهندڙ مقامي روڪائي (Rukai) قوم هن سدابهار وڻ جي نسل، جنهن جو سائنسي نالو Taiwania cryptomerioides آهي، کي “اهو وڻ جيڪو چنڊ کي ڇهي ٿو” سڏيندا آهن۔
مقابلي طور، دنيا جو سڀ کان اونچو زنده وڻ Hyperion آهي، جيڪو آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ريڊ ووڊ نيشنل پارڪ ۾ موجود ساحلي ريڊووڊ وڻ آهي ۽ هن وقت ان جي اونچائي 116 ميٽر (381.3 فوٽ) آهي۔
تائيوان: ديو قامت وڻن جي سرزمين
تائيوان پنهنجي جابلو جغرافيي ۽ نباتاتي تنوع جي ڪري مشهور آهي. 2016ع جي هڪ مطالعي مطابق ٻيٽ جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو حصو ٻيلن سان ڍڪيل آهي ۽ هتي اندازاً 95 ڪروڙ وڻ موجود آهن۔
انهن ٻيلن ۾ موجود تمام وڏن وڻن سبب “هيون سورڊ” کي ڳولڻ انتهائي ڏکيو ڪم هو۔ پر هڪ پرعزم گروهه، جنهن ۾ پيشيور وڻ چاڙها، ماحولياتي ماهر، ارضيات جا ماهر ۽ ريموٽ سينسنگ جا ماهر شامل هئا، 2014ع کان وٺي تائيوان جي سڀ کان اونچن وڻن جي دستاويز سازي تي ڪم ڪري رهيو هو، جن ۾ هيون سورڊ جهڙا تائيوانيا صنوبر به شامل هئا۔
گروهه ڪيترن سالن تائين هوائي سروي ذريعي اسڪيننگ ڪئي، “تائيوان جائنٽ ٽري ميپ” تيار ڪيو ۽ شهري سائنسدانن کان به مدد ورتي۔ آخرڪار، ٽيم پراڻي روايتي طريقي سان هيون سورڊ جي سڃاڻپ ڪئي: وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي اتان ماپ واري ٽيپ هيٺ لاٿائون. هي تفصيل جرنل Frontiers in Forests and Global Change ۾ شايع ٿيل هڪ مطالعي ۾ بيان ڪئي وئي آهي۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ٽيم پاران اختيار ڪيل محتاط ۽ تخليقي طريقا دنيا جي ٻين علائقن ۾ به وڏن وڻن جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا، جيڪو ڌرتيءَ جي حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ موسمياتي بحران جي مقابلي لاءِ انتهائي اهم آهي۔
ديو قامت وڻن لاءِ هڪ ناياب پناهه گاهه
مطالعي جي اڳواڻ مصنفه Rebecca Chia-Chun Hsu موجب، تائيوان ۾ هر سال ٿيندڙ گهڻي برسات ۽ مستحڪم موسم اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جتي سوين ۽ هزارين سالن تائين پراڻا ۽ وڏا وڻ لڳاتار وڌندا رهن ٿا۔
هن ٻڌايو ته 1912ع کان 1991ع تائين ٿيندڙ صنعتي ڪاٺ ڪٽائي سبب تائيوان جا ڪجهه قديم ٻيلا ختم ٿي ويا، پر ٻيٽ جي انتهائي ڏکي ۽ تيز ڍلان واري زمين سبب ڪيترائي پراڻا وڻ ڪاٺ ڪٽيندڙن جي پهچ کان ٻاهر رهيا. اڄڪلهه انهن مان گهڻا وڻ محفوظ علائقن ۾ موجود آهن۔
“ٽن ڀينرن” کان “بهشتي تلوار” تائين
تائيوان جي وڻن جي ڳولا ڪندڙ ٽيم 12 سال اڳ گڏ ٿي، جڏهن هنن اتر تائيوان جي وسيع سيلان (Cilan) تحفظاتي علائقي ۾ موجود ٽن مشهور ديو قامت تائيوانيا وڻن، جن کي “ٽن ڀينرون” (The Three Sisters) سڏيو ويندو آهي، جي ماپ ورتي۔
هسو هڪ ڪانفرنس دوران ليڊار (LiDAR) ٽيڪنالاجي جي ماهرن سان ملي، جن ٻڌايو ته صرف ريموٽ سينسنگ ڊيٽا تي ڀاڙڻ سان وڏن وڻن کي ڳولڻ ڏکيو هوندو آهي۔
ان کان پوءِ پيشيور وڻ چاڙهن ۽ مقامي قبيلن جا ماڻهو به ٽيم ۾ شامل ٿيا. ڪيترن مهمن دوران کين هڪ ئي هنڌ تائين پهچڻ لاءِ ڏينهن جا ڏينهن جبلن ۾ پنڌ ڪرڻو پيو۔ هسو چوي ٿي: “شايد اسان سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي: اسان سڀ وڻن سان محبت ڪريون ٿا ۽ مهم جوئي پسند ڪريون ٿا.”
آسمان مان ڏسڻ جي ضرورت
ٽيم جلد سمجهي وئي ته زمين تان سڀ کان اونچا وڻ سڃاڻڻ تقريباً ناممڪن آهي۔ انهن وٽ اهڙا ماڻهو هئا جيڪي تمام اوچن وڻن تي چڙهي سگهندا هئا، پر تائيوان جي گهڻ-سطحي ٻيلن کي سمجهڻ لاءِ کين مٿان کان ڏسڻ جي ضرورت هئي۔
National Cheng Kung University جي ريموٽ سينسنگ ماهرن سان گڏجي، ٽيم ليڊار ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي، جنهن ۾ جهازن مان روشنيءَ جون شعاعون موڪلي ماپيو ويندو آهي ته انهن کي موٽي اچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو. ان طريقي سان وڻن جي اونچائيءَ جو هڪ تفصيلي ٿري -ڊائيمينشنل نقشو تيار ڪيو ويو۔
بهرحال، انساني مشاهدو به ضروري رهيو، ڇاڪاڻ ته تائيوان جي غير هموار زمين ڪڏهن ڪڏهن ريموٽ سينسنگ کي دوکو ڏئي سگهي ٿي ۽ وڻن جي اونچائي اصل کان وڌيڪ ظاهر ٿي سگهي ٿي۔
2020ع ۾ ٽيم شهري سائنسدانن کي ليڊار تصويرن جو جائزو وٺڻ لاءِ دعوت ڏني. نتيجي ۾ معلوم ٿيو ته 93 سيڪڙو وڻن جي اونچائي الگورٿم غلط ماپي هئي. ان سان محققن کي ڪيترن ئي ننڍن وڻن تي بيڪار چڙهڻ کان بچاءُ مليو۔
2022ع جي آخر ۾ ٽيم “تائيوان جائنٽ ٽري ميپ” جاري ڪيو، جنهن ۾ 65 ميٽر (213 فوٽ) کان وڌيڪ اونچائي وارا 941 وڻ درج ڪيا ويا۔
هيون سورڊ يعني بهشتي تلوار تائين پهچڻ
هيون سورڊ تائين پهچڻ لاءِ محققن کي درياهه جي وهڪري جي ابتڙ 20 ڪلوميٽر (12 ميل) کان وڌيڪ ترڻ ۽ پٿرن تي چڙهڻ کان پوءِ ٻه ڏينهن مسلسل ڏکيو جابلو سفر ڪرڻو پيو۔
ان کان پوءِ وڻ تي چڙهڻ جو مرحلو آيو۔ هسو ٻڌايو: “ميدان ۾ اسان پهرين ڊرون ذريعي وڻ جو جائزو وٺندا آهيون، پر ڪنهن به ديو قامت وڻ جي صحيح اونچائي ماپڻ جو بهترين طريقو اڃا تائين ٽيپ هيٺ لاهڻ آهي.”
جڏهن ماپ واري ٽيپ 84.1 ميٽر ڏيکاريو ته هسو کي بيحد سڪون محسوس ٿيو. هن چيو ته ان اجاڙ علائقي ۾ ٿيل ڏکيو سفر مڪمل طور تي ڪامياب ثابت ٿيو۔
مائيڪل ٽيلر، جيڪو ڪيليفورنيا جي ڪولمبيا لينڊ ٽريسٽ سان لاڳاپيل آهي، ٽيم جي محنت کي ساراهيندي چيو ته حتمي تصديق لاءِ هٿ سان ماپ وٺڻ انتهائي اهم آهي۔
ڌرتيءَ جا محافظ
هاڻي ٽيم اهو سمجهڻ چاهي ٿي ته تائيوان جا سڀ کان اونچا وڻ ڪهڙن حياتياتي آبهوا ۽ زميني حالتن کي پسند ڪن ٿا. هو ڪجهه ديو قامت وڻن جا ٿري-ڊي ماڊل به تيار ڪري رهيا آهن ته جيئن انهن جي حياتياتي وزن (Biomass) ۽ ڪاربان جي مقدار جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي۔
هسو جو چوڻ آهي ته موجوده فارمولن سان انهن وڻن ۾ موجود ڪاربان جي مقدار جو گهڻو گهٽ اندازو لڳايو ويندو آهي۔ وڏا وڻ ٻيلن ۾ انتهائي اهم ماحولياتي ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا ۽ پنهنجي ماحولياتي نظام جا محافظ بڻجن ٿا. هسو موجب تائيوان جا اهي ٻيلا شايد دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪاربان سان مالا مال ماحولن مان هجن۔
لالاسيا بيالڪ مرفي جو چوڻ آهي: “ڪاربان جي ذخيري کان علاوه، وڏا وڻ ٻيلن جي بناوتي پيچيدگي ۽ حياتياتي تنوع ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ڪيترن ئي جاندارن لاءِ رهائش فراهم ڪن ٿا.” هن خبردار ڪيو ته دنيا جي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ وڻن جي نسلن کي ختم ٿيڻ جو وڌندڙ خطرو درپيش آهي۔
موسمي تبديلي جو خطرو
مطالعي موجب، تمام اونچا وڻ موسمي تبديليءَ جي اثرن لاءِ سڀ کان وڌيڪ حساس هوندا آهن. خشڪ سالي، شديد طوفان ۽ تيز برساتن سبب ٿيندڙ لينڊ سلائيڊنگ جهڙا واقعا انهن لاءِ وڏو خطرو آهن، ۽ تائيوان اهڙن واقعن جو بار بار شڪار ٿيندو آهي۔
بيالڪ-مرفي موجب: “ديو قامت وڻن جا مرڪز ٻيلن جي تاريخ جا زنده اشارا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اڪثر انهن ٻيلن ۾ هوندا آهن جن کي پيچيده ماحولياتي بناوت ۽ اعليٰ حياتياتي تنوع پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت مليو هجي.”
هن وڌيڪ چيو: “انهن علائقن جي سڃاڻپ ٻيلن جي حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ موسمي تبديليءَ جي اثرن کي گهٽائڻ جي ڪوششن لاءِ انتهائي اهم آهي.”










