بنگلاديش ۾ پولنگ مڪمل، ووٽن جي ڳڻپ جاري

بنگلاديش ۾ پولنگ مڪمل، ووٽن جي ڳڻپ جاري

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) 2024ع جي خوني بغاوت ۽ ان کان پوءِ شاگردن جي اڳواڻي ۾برپا ٿيل انقلاب کان پوءِ بنگلاديش ۾ ٿيندڙ پهرين چونڊن ۾ خميس ڏينهن پولنگ مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته طاقتور سياسي وارث طارق رحمان اتحاد کي شڪست ڏيڻ بابت پراعتماد نظر اچي رهيو آهي۔

ڍاڪا ۾ انتهائي اهميت واري هن چونڊ ۾ ووٽر پولنگ اسٽيشنن ٻاهران قطارون نظر آيون. جڏهن ته اهم سياسي اڳواڻن ووٽنگ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ خطري يا “سازشن” جا خدشا ظاهر ڪيا آهن۔

هي دنيا جي پهرين چونڊ آهي جيڪا 30 سالن کان گهٽ عمر وارن يعني جنريشن زي جي اڳواڻي ۾ ٿيل انقلاب کان پوءِ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ايندڙ مهيني نيپال ۾ به اهڙي چونڊ ٿيندي۔

60 ورهين جي طارق رحمان چيو ته هو “پراعتماد” آهي ته سندس بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (BNP) 170 ملين آبادي واري ڏکڻ ايشيائي ملڪ ۾ ٻيهر اقتدار حاصل ڪندي۔

سندس پارٽي جو مسلمان اڪثريتي ملڪ جي جماعت اسلامي جي اڳواڻي ۾ قائم اتحاد سان سخت مقابلو آهي۔ طارق ووٽ ڏيڻ بعد چيو: “جيڪڏهن بنگلاديش جا ماڻهو ووٽ وجهڻ لاءِ نڪتا ته سازشون ڪامياب نه ٿينديون.”

پولنگ شام 4:30 وڳي (3:30 پاڪستاني وقت) بند ٿي وئي، جڏهن ته اهم نتيجا رات دير سان اچڻ جو امڪان آهي۔

اليڪشن ڪميشن جي سينيئر سيڪريٽري اختر احمد صحافين کي ٻڌايو ته تقريباً 128 ملين اهل ووٽرن مان لڳ ڀڳ 42,651 پولنگ اسٽيشنز تي منجهند تائين ٽرن آئوٽ 32.88 سيڪڙو رهيو۔

وڏي پيماني تي تشدد جون رپورٽون نه مليون، پر کلنا شهر ۾ پولنگ اسٽيشن ٻاهران جهيڙي دوران BNP جو هڪ اڳواڻ فوت ٿي ويو، جڏهن ته گوپال گنج ۾، جيڪو حسينه واجد جو ڳڙهه سمجهيو وڃي ٿو، پولنگ اسٽيشن ٻاهران هٿ ٺوڪيو بم ڦاٽڻ سبب ٻه پيرا ملٽري اهلڪار ۽ هڪ 13 ورهين جي ڇوڪري زخمي ٿي پيا۔

اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ واري ڏينهن ملڪ ڀر ۾ پوليس، فوج ۽ پيرا ملٽري جا لڳ ڀڳ 9 لک 58 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ گهڻن پولنگ اسٽيشنن ٻاهران پوليس ۽ فوج موجود هئي۔

اليڪشن ڪميشن عملدارن “ڪجهه معمولي رڪاوٽن” جي رپورٽ ڏني، جڏهن ته ٻنهي پاسن جا وڏا اڳواڻ خطري جا خدشا ظاهر ڪندا رهيا۔

راڄڌاني ڍاڪا ۾ پولنگ صبح 7:30 وڳي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ماڻهو قطارون ٺاهيندا نظر آيا، جن ۾ 39 ورهين جو محمد جبير حسين به شامل هو، جنهن چيو ته هن آخري ڀيرو 2008ع ۾ ووٽ ڏنو هو۔

هن چيو: “17 سالن کان پوءِ آزادانه نموني ووٽ ڏئي رهيا آهيون، ان ڪري خوشي ٿي رهي آهي۔ اسان جو ووٽ اهميت رکي ٿو.”

21 ورهين جي شاگرده شيتي گوسوامي چيو: “هي منهنجو پهريون ووٽ آهي۔ اميد آهي ته گذريل سالن جي تڪليفن کان پوءِ هاڻي ڪجهه مثبت ٿيندو.”

جماعت اسلامي جي 67 سالن جي اڳواڻ شفيق الرحمان، منظم بنيادي مهم هلائي آهي۔ جماعت اسلامي انصاف ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي نعري تي مهم هلائي رهي آهي ۽ کين لڳي ٿو ته ڏهاڪن ۾ هي سندن بهترين موقعو آهي۔

گڏيل قومن جي ماهرن ووٽنگ کان اڳ “وڌندڙ عدم برداشت، ڌمڪين ۽ حملن” سان گڏ خاص ڪري نوجوان پهريون ڀيرو ووٽ ڏيندڙن خلاف “غلط معلومات جي سونامي” بابت خبردار ڪيو هو۔

راءِ شماريون مختلف آهن، پر گهڻيون BNP کي اڳتي ڏيکارين ٿيون، جڏهن ته ڪجهه سخت مقابلي جي نشاندهي ڪن ٿيون۔ چونڊ مهم دوران سياسي جهيڙن ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔

اليڪشن ڪمشنر اي ايم ايم ناصرالدين چيو ته ووٽنگ “آزاد ۽ منصفاڻين انداز ۾ هموار نموني” ٿي رهي آهي، جڏهن ته وڏو خطرو سوشل ميڊيا تي غلط معلومات آهي۔

عبوري اڳواڻ محمد يونس، جيڪو نئين حڪومت جي اچڻ بعد عهدو ڇڏيندو، چيو ته هي ووٽ “ملڪ جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندو.”

85 ورهين جي نوبل انعام يافته يونس آگسٽ 2024ع ۾ حسينه جي 15 سالن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ملڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي۔ سندس انتظاميا حسينه جي عوامي ليگ کي چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي۔

78 ورهين جي حسينه کي انسانيت خلاف ڏوهن ۾ غير موجودگيءَ ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ هو ڀارت ۾ لڪيل آهي۔

ووٽ ڏيڻ بعد يونس چيو ته ملڪ “ڊيڄاريندڙخواب ختم ڪري نئون خواب شروع ڪيو آهي.” هن هڪ وسيع جمهوري سڌارن واري منشور جي حمايت ڪئي آهي ته جيئن “مڪمل طور ٽٽل” حڪومتي نظام کي درست ڪري هڪ جماعت جي حڪمراني جي واپسي روڪي سگهجي۔

127 ملين ووٽرن وزيراعظم جي مدي جي حد، نئين ايوان بالا، صدر جي وڌيڪ اختيارن ۽ عدليه جي آزادي بابت تجويزن تي ريفرنڊم ۾ به ووٽ ڏنو۔

25 ورهين جي ياسين عرفات ايمون چيو ته هن منشور جي حمايت ڪئي ڇو ته اهو “بغاوت جي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو.”

ووٽر سڌي طرح 300 قانونساز چونڊيندا، جڏهن ته وڌيڪ 50 عورتون پارٽي فهرستن مان چونڊيون وينديون۔

ڪجهه ووٽر تذبذب جو شڪار هئا۔ ريڙهي هلائيندڙ چن ميا چيو ته هو پنهنجي ڳوٺ وڃي ووٽ ڏيڻ جي خرچ ۽ روزگار وڃائڻ جي سگهه نٿو رکي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن حسينه جي پارٽي تي پابندي سبب مايوسي ظاهر ڪئي۔

ڊرائيور شڪيل احمد چيو: “حسينه جي دور ۾ اسان ووٽ نه ڏئي سگهندا هئاسين، ووٽ ڏيڻ منهنجو حق آهي، هن ڀيري نه ڇڏيندس.”

نئين حڪومت کي دنيا جي ٻئي وڏي ڪپڙن جي برآمد ڪندڙ ملڪ جي ڪمزور معيشت ۽ ڀارت سان نازڪ لاڳاپن جا چئلينج ورثي ۾ ملندا۔

BNP جي طارق رحمان چيو ته جيڪڏهن هو چونڊجي ويو ته سندس پهرين ترجيح امن ۽ استحڪام بحال ڪرڻ هوندي، پر هن خبردار ڪيو ته معيشت تباهه ٿي چڪي آهي۔

صدر زرداري جو بيان

صدر آصف علي زرداري بنگلاديش ۾ پرامن چونڊ عمل جي اميد ظاهر ڪئي آهي۔ صدر جي سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري بيان موجب، “صدر آصف علي زرداري بنگلاديش جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي، جتي 127 ملين کان وڌيڪ ووٽر اڄ 300 سيٽن لاءِ نمائندا چونڊڻ لاءِ ووٽ ڏئي رهيا آهن.”

بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته چونڊ عمل “پرامن هوندو ۽ جمهوريت ۽ استحڪام کي مضبوط ڪندو.”

پهنجو تبصرو موڪليو