لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش کي 57 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ فيصلو ڪندڙ برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان بنگلاديش کي 202 رنسن جو هدف ڏنو هو، پر بنگلاديشي ٽيم 144 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ان کان اڳ، پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٽي 20 سيريز جو ٻيو ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 37 رنسن تان شڪست ڏني.










