بنگلاديش پاران پاڪستاني اختيارين لاءِ ويزا شرط ختم

بنگلاديش پاران پاڪستاني اختيارين لاءِ ويزا شرط ختم

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش 1971 کان پوءِ پهريون ڀيرو پاڪستاني عملدارن لاءِ ويزا جي شرط کي پنجن سالن جي عرصي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن کي هاڻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه پوندي. نوبل انعام يافته محمد يونس جي اڳواڻي ۾ بنگلاديش جي عبوري حڪومت باهمي ويزا جي ڇوٽ تي هن معاهدي جي منظوري ڏني آهي.سندس پريس سيڪريٽري شفيق الاسلام ڍاڪا ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس کي ٻڌايو ته بنگلاديش جا 31 ٻين ملڪن سان اهڙا معاهدا آهن.شفيق الاسلام چيو ته هن معاهدي تحت، پاڪستاني عملدارن کي به ويزا کان سواءِ بنگلاديش ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو