طارق رحمان بنگلاديش جي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

طارق رحمان بنگلاديش جي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي تازين چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ بي اين پي جي سربراهه طارق رحمان وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين جانيه سنگساد ببهابهن ڪي سائوٿ پلازه ۾ طارق رحمان کان عهدي جو حلف ورتو. طارق رحمان جي بطور وزيراعظم حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي منصوبه بندي واري وزير احسن اقبال سميت مختلف ملڪن جا وزير به شريڪ هئا. جڏهن ته نون چونڊيل پارليامينٽ جي ميمبرن کان بنگلاديش جي چيف اليڪشن ڪمشنر حلف ورتو.ياد رهي ته ان کان اڳ بنگلاديش جي تازين چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي.12 فيبروري 2026 تي ٿيل چونڊن ۾، بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) 209 سيٽون کٽي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي طور سامهون آئي، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ ان جي اتحادين 77 سيٽون کٽيون.پارليامينٽ جي نون چونڊيل ميمبرن کي اڄ بنگلاديش جي چيف اليڪشن ڪمشنر حلف کڻايو. حلف کڻندڙن ۾ بنگلاديش جو ايندڙ متوقع وزيراعظم طارق رحمان ۽ جماعت اسلامي جو امير شفيق الرحمان شامل هئا.وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ هڪ پاڪستاني وفد پڻ بنگلاديش ۾ آهي جتي اهو متوقع وزيراعظم طارق رحمان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو