ڏهرڪي (ن س) ڏھرڪي شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو احتجاج ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ڪارڪنن سائين جي ايم سيد چوڪ کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ڪارڪنن شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ نعريبازي ڪئي مظاهري کي خطاب ڪندي حيدرخان شر. مير حسن لاشاري. شعيب سنڌو صبحان گولاٽو ۽ ٻين چيو ته ڏھرڪي شهر صنعتي زون هجن باوجود بنيادي مسئلن کان وانجهيل آهي هنن چيو ته برسات گذري هڪ مهينو ٿي ويو آهي پر شهر جي روڊ رستن تي اڃان تائين 3 کان 4 فٽ پاڻي بيٺل آهي جنھن ڪري شهري سخت پريشان آهن. هنن چيو ته اسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽائون آفيسر ملي ڀڳت ڪري ڏھرڪي ٽائون ڪميٽي جي 2 ڪروڙ منٿلي بجيٽ هڙپ ڪري سموري شهر کي کنڊرات بڻائي ڇڏيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته ڏھرڪي جي اسپتال ۾ برسات تباهي بعد هزارين ماڻهو مليريا جي بخار ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پر اسپتال اندر مليريا بخار جي ٽيسٽ جي مشين به ڪونهي جنهن سبب روزانو سوين ماڻهو اسپتال ۾ ويهي ويهي واپس موٽي وڃن ٿا هنن انتظاميه کي چتاء ڏنو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ويا ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو










