مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)مانجهند ڀرسان قديمي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم پيئڻ جي پاڻي کوٽ خلاف رهواسين جو ڌرڻو نعريبازي ڪئي. مانجهند ڀرسان يوسي شاه اويس جي ڳوٺ رستم خان خاصخيلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ اسڪول روڊ رستن کان محروم ٿيل آھي اهڙي عمل خلاف رهواسين سخت احتجاج ڪندي پنهنجي ڪکائن گهرن آڏو ڌرڻو هڻي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن مير حسن خاصخيلي ملوڪ خاصخيلي ولي جان تاجو خاصخيلي ميان ڏتو طالب کوسو رسول بخش کوسو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ت سندن ڳوٺ رستم خان خاصخيلي سوين سال قديمي آھي پر سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب ڪابه بنيادي سهولت ميسر ناهي جڏهن جديد دور ۾ پيئڻ جي پاڻي کان به محروم آھيون جنهن سبب ڳوٺاڻا گڏه گاڏن موٽر سائيڪلن تي 5 ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري کڏن مان گندو پاڻي ڀري واپرائڻ تي مجبور آھن جڏهن ته سندن ڳوٺ وزير اعلا سنڌ جي اباڻي ضلع ۾ اچي ٿو پر ووٽ وٺڻ کان پوء چونڊيل نمائنده ڳولي به نٿالڀن پبلڪ هيلٿ کاتي ضلع ڪائونسل ۽ يوسي شاه اويس قرني وٽ بجيٽ ھئڻ باوجود پاڻي جي اسڪيم نٿي ڏني وڃي جنهن سبب پاڻي ڍڪ لاء پريشان آھيون ۽ گندو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھيون هنن وزير اعلي سنڌ ڊي سي ڄامشورو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته پبلڪ هيلٿ کاتي کي پابند ڪري کين پاڻي جي سهولت ڏياري وڃي.










