بنون ۾آپريشن، 3 جوان شهيد، صدر،وزيراعظم ۽ ٻين پاران ڀيٽا پيش

بنون ۾آپريشن، 3 جوان شهيد، صدر،وزيراعظم ۽ ٻين پاران ڀيٽا پيش

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر عاطف خليل سميت 3 جوان به شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب بنون جي علائقي ابا خيل ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.آءِ ايس آر موجب آپريشن دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ست زخمي پڻ ٿي پيا.پاڪ فوج جي ترجمان موجب دهشتگردن سان وڙهندي ميجر عاطف خليل، نائڪ آزاد الله ۽ لانس نائڪ غضنفر عباس شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.پاڪ فوج جي ترجمان موجب ميجر شهيد عاطف جو تعلق آزاد ڪشمير سان آهي.آءِ ايس پيي آر موجب سڪيورٽي فورسز امن کي ڇيهو رسائيندڙ ڪوششون ناڪام بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي ميجر ۽ 2 جوانن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب پاڪ فوج جي ميجر عاطف خليل شهيد 8 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ملڪ جي دفاع جو مقدس فرض سرانجام ڏنو.ميجر عاطف خليل شهيد جي سوگوار پونئرن ۾ والدين، ڀائر، زال ۽ هڪ ڌيءُ شامل آهن.آءِ ايس پي آر موجب نائيڪ عزاد الله شهيد 15 سال پاڪ فوج ۾ رهي وطن جو دفاع ڪيو، سوڳوار خاندان ۾ سندس زال، 2 پٽ ۽ هڪ ڌيءَ شامل آهن.نائيڪ غضنفر عباس شهيد 14 سال پاڪستان جي دفاع جو فرض سرانجام ڏنو.آءِ ايس پي آر موجب نائيڪ غضنفر عباس شهيد جي سوگوار پونئرن ۾ سندس زال، ڌيءُ ۽ هڪ پٽ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو