بنون واقعي جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت بنون واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور بنون ۾ جاري صورتحال جو نوٽيس ورتو آهي ۽ واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو به اعلان ڪيو آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته ڪميشن شفاف ۽ غيرجانبدارانه جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، رپورٽ منظر عام تي آڻي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ ذميوارن جي نشاندهي ڪئي ويندي، ڪميشن جي رپورٽ کان اڳ افواهون ۽ اڻ تصديق ٿيل الزامن کان پاسو ڪيو وڃي.اطلاعات واري صلاحڪار خيبرپختونخواهه چيو ته عام طور تي حساس هنڌن تي سڪيورٽي هاءِ الرٽ هوندي آهي، آپگهاتي حملي ۾ فوجي جوان ۽ شهري شهيد ٿيا هئا، گذريل ڏينهن دهشتگردي جي موجوده لهر کي نظر ۾ رکندي حساس هنڌن تي ناخوشگوار واقعو پيش آيو گذارش آهي ته احتياط سان ڪم ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو