بند ڪمري ۾ موجود 4 ماڻهن مون کي مارڻ جي رٿابندي ڪئي: عمران خان

بند ڪمري ۾ موجود 4 ماڻهن مون کي مارڻ جي رٿابندي ڪئي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته پنجاب پوليس صوبي ۾ اسان جي حڪومت هجڻ باوجود پنهنجو ڪيس داخل نه ڪرائي سگهيس.عمران خان ترڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پنجاب پوليس منهنجو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، سوال اهو آهي ته پوءِ پنجاب پوليس کي ڪير ڪنٽرول ڪري رهيو آهي؟ هن چيو ته بند ڪمري ۾ چئن ماڻهن مون کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي ۽ قتل جي رٿابندي ڪندڙ طاقتور ماڻهن بلٽ پروف شيشي جي پرواهه نه ڪئي.عمران خان چيو ته هو واقعي جي آزاداڻي جاچ چاهين ٿا، اڳتي وڌڻ جو هڪ ئي رستو آهي ته عوام پنهنجي پسند جي حڪومت چونڊي.

پهنجو تبصرو موڪليو