بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندڙ ڪي پي ۾ تجربا ڪن پيا،  آفريڊي

بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندڙ ڪي پي ۾ تجربا ڪن پيا، آفريڊي

سوات (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريڊي چيو آهي ته بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندڙ خيبرپختونخوا ۾ تجربا ڪري رهيا آهن.سوات ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سهيل آفريڊي چيو ته بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندڙ خيبرپختونخوا ۾ تجربا ڪري رهيا آهن، بند ڪمرن جا فيصلا ساز پنهنجي پاليسيءَ تي نظرثاني ڪن.سهيل آفريڊي چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ماڻهو انهن جي پاليسين جي ڪري بددل ٿي رهيا آهن، خيبرپختونخوا ۾ هاڻي عمران خان جي پاليسي هلندي.
مولانا فضل الرحمان جو اهڙو بيان نه اچڻ گهرجي ها، شفيع جان
ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري وزير شفيع جان جو چوڻ آهي ته شهيد سڀني جا گڏيل هوندا آهن، مولانا فضل الرحمان جو اهڙو بيان نه اچڻ گهرجي ها، مولانا فضل الرحمان جي بيان کي سياق و سباق کان هٽائي هلايو ويو. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شفيع جان چيو ته مولانا صاحب کي توهان هڪ بيان تي غدار قرار نٿا ڏئي سگهو، هاڻي ان شيءِ کي بند ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ اها نوبت ڪيئن آئي؟ ان تي غور ڪرڻ گهرجي. صوبائي اطلاعات وزير چيو ته حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چيلنج دهشتگردي آهي، بلوچستان جو 80 سيڪڙو حصو نو گو ايريا بڻجي چڪو آهي، بلوچستان ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي پر پيپلز پارٽي جي آهي، اتي پاليسي واضح ڇو ناهي؟شفيع جان جو چوڻ هو ته 5 آگسٽ تي عمران خان جي گرفتاريءَ کي 3 سال پورا ٿي رهيا آهن، قيديءَ جا ڪجهه حق هوندا آهن جيڪي باني چيئرمين کي نه پيا ڏنا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو