بندش پيل تحريڪ طالبان جي فنڊنگ ۾ ملوث 2 ڄڻا گرفتار

بندش پيل تحريڪ طالبان جي فنڊنگ ۾ ملوث 2 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيڪيورٽي اداري ۽ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري بندش پيل تحريڪ طالبان جي فنڊنگ ۾ ملوث ٻه ڄڻا گرفتار ڪري ورتا تفصيل مطابق سي ٽي ڊي ترجمان مطابق جوابدارن کي انفارميشن بيسڊ آپريشن ڪندي گرفتار ڪيو ويو جوابدارن وٽان فنڊنگ جا 40 هزار 900 رپيا هٿ آيا آهن ترجمان ٻڌايو ته ڪارروايون نيو ڪرائي انڊسٽريل ايريا ۽ شيرشاهه ۾ ڪيون ويون نيو ڪراچي مان فضل الرحمان ۽ شيرشاهه مان رحيم آفريدي گرفتار ٿيو ٻئي جوابدار تربيت يافته آهن سي ٽي ڊي ترجمان مطابق جوابدارن کي سندن ڪمانڊر سيف الله عرف گلئي فنڊنگ لاءِ اماڻيو هو جوابدار جا 4 ساٿي وزيرستان آپگهاتي ڌماڪن ۾ مارجي چڪا آهن سي ٽي ڊي ترجمان مطابق جوابدارن جي خلاف سي ٽي ڊي ۾ ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو