بل گيٽس جو آرمي چيف سان رابطو

بل گيٽس جو آرمي چيف سان رابطو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ مائڪروسافٽ جي باني بل گيٽس وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ بل گيٽس وچ ۾ پوليو ۽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بل گيٽس قومي پوليو مهم ۾ تعاون ۽ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ تي پاڪ فوج جي واکاڻ ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پوليو کان پاڪ پاڪستان قومي مقصد آهي، جنهن جو ڪريڊٽ لاڳاپيل ماڻهن کي وڃي ٿو، جڏهن ته بل گيٽس محدود وسيلن باوجود ڪورونا خلاف ڪامياب مهم جي واکاڻ ڪئي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ڪاميابي کي حقيقي قومي ردعمل قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو