بليڪ ميلنگ بعد عورت آپگهات واقعو، 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بليڪ ميلنگ ۽ هراسمينٽ کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ عورت جي واقعي ۾ 3 جوابدار گرفتار، عدالت مُک جوابدار وقاص سوڏو ٽنهي جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، شاد مان ٽائون ۾ عورت آپگهات ڪيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت آپگهات ڪرڻ کان اڳ پنهنجـِي دوست کي روئندي ميسيجز ڪيا ۽ جوابدار جا نالا به ٻڌايا، عورت آڊيو پيغام ۾ چيو هو ته کيس هراسان ۽ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، پاڙي جا ڇوڪرا به پريشان ۽ هراسان ڪري رهيا آهن، وقاص 4 مهينن کان تنگ ۽ بليڪ ميل ڪري رهيو هو، وقاص سندس وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي، عورت جي آپگهات واري ڪيس ۾ ٽن روپوش جوابدارن جي به ڳولا جاري آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو