ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن کي پوليس ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، گرفتار ٿيل اڳواڻن ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ فوزيه بلوچ سميت ست ٻيون عورتون ۽ مرد شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل اڳواڻ بلوچستان ۾ ” راجي مچي “ جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت آگاهه ڪرڻ آيا هئا. ٻئي پاسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن وهاب بلوچ، عبدالرحمان شاهه، مير بلوچ، ايڇ آر سي پي جي چيئرمين اسد اقبال بٽ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ گرفتارين جي سخت مذمت سندن آزاديءَ جو مطالبو ڪيو.










