بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، ايريگيشن کاتي جو سنڌ حڪومت کي خط

بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، ايريگيشن کاتي جو سنڌ حڪومت کي خط

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان کي پٽ فيڊر ۽ کيرٿر ڪينال ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ جو سامھون آهي.ايريگيشن (آبپاشي) حڪام موجب، سنڌ پاران ارسا (IRSA) معاهدي تحت بلوچستان جي طئي ٿيل حصي جو پاڻي نه پيو ملي. ايريگيشن نصيرآباد سرڪل جي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر مدثر ظفر کوسي بلوچستان حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلوچستان جي حصي جو پاڻي فوري طور فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت قدم کڻي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پٽ فيڊر ۾ پاڻيءَ جو اخراج 6500 مان گهٽجي 2725 ڪيوسڪ رهجي ويو آهي ۽ پٽ فيڊر ڪينال ۾ پاڻيءَ جي فراهمي 58 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. مدثر ظفر کوسي جو چوڻ هو ته بلوچستان جي مقرر ڪيل حصي جو پاڻي سنڌ پنهنجي ڪينال نيٽ ورڪ ڏانهن موڙي رهيو آهي، پاڻيءَ جي کوٽ سبب چانورن جي پوکائي شديد متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. خط ۾ وڌيڪ تجويز ڪيو ويو آهي ته پاڻيءَ جي ورڇ جي نگرانيءَ لاءِ ٿرڊ پارٽي مانيٽرنگ (ٽئين ڌر کان نگراني) ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو