بلوچستان ۾ هٿيار کڻندڙن کي سمجهايو ته اوهان جي بقا جمهوريت آهي

بلوچستان ۾ هٿيار کڻندڙن کي سمجهايو ته اوهان جي بقا جمهوريت آهي

حب: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جي سربراهه آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي حب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪي هٿيار کڻندا آهن انهن ڀٽڪيل دوستن کي سمجهايو ته اوهان جي بقا جمهوريت ۾ آهي.حب ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته حب ڪراچي مان هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي حب ۾ به اسپتالون هجڻ گهرجن. پاڻي جي سهوليت ۽ يونيورسٽيون هجڻ گهرجن. حب کي به ڪراچي جهڙو هجڻ گهرجي.آصف علي زرداري چيو ته ڀٽڪيل دوستن کي سمجهايو جيڪي هٿيار کڻندا آهن. امن امان جي صورتحال هوندي ته ڪراچي جا سرمائيڪار حب ايندا اوهان جي بقا جمهوريت ۾ آهي حب جو بجيٽ هتي نظر نٿو اچي. شايد دوستن جي کيسي ۾ نظر ايندو آهي.اڳوڻي صدر چيو ته پاڪستان کي اسلام آباد وارا سمجهڻ جي لاءِ تيار نه آهن. هر ڪو سمجهي ٿو ته هو پاڪستان جي مسئلن جو حل ڄاڻن ٿا. حالانڪه پاڪستان جي مسئلن جو حل صرف سياسي طاقتون ڄاڻن ٿيون.آصف زرداري چيو ته مون ماڻهن کي جيلن مان ڪڍرايو ۽ ڪوشش ڪئي ته اسان سان دوستي ڪريو ۽ پاڪستان کي پنهنجو ملڪ سمجهي واپس اچو. اڳوڻي صدر چيو ته مان سمجهان ٿو ته اڄ به انهي تي ڪم ڪرڻ ۽ دوستن کي واپس آڻڻ تمام گهڻو ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو