اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ نئون وڏو وزير هر صورت ۾ جيالا هوندو.ذريعن موجب آصف زرداري جي صدارت هيٺ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سان پيپلز پارٽي جي سينيئر قيادت جو مشاورتي اجلاس ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بلوچستان جي نون چونڊيل ايم پي ايز ۽ سينيئر قيادت شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ بلوچستان ۾ حڪومت سازي بابت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ملاقات ۾ آصف زرداري چيو ته بلوچستان ۾ نئون وڏو وزير هر صورت ۾ جيالا هوندو، ٻئي طرف پيپلز پارٽي بلوچستان آصف زرداري کي اتحادي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڳالهين جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.










