بلوچستان ۾ مينگل قبيلن جي تڪرار تي مولانا فضل الرحمان کي ڳڻتي

بلوچستان ۾ مينگل قبيلن جي تڪرار تي مولانا فضل الرحمان کي ڳڻتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو بلوچستان ۾ مينگل قبيلن جي تڪرار تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هٿيارن جو آزادانه استعمال تمام گهڻو نقصان ڪري سگهي ٿو،بلوچستان حڪومت ۽ رياستي ادارا فوري طور تي سيز فائر ڪن امن امان لاڳو ڪندڙ ادارن جي فرضن ۾ غفلت سمجھ کان ٻاهر آهي،وفاقي وزيرن جي وفد سان ملاقات ۾ سيز فائر لاءِ فوري قدم کڻڻ جي اپيل ڪريان ٿو،وفاقي گهرو وزير ۽ رياستي ادارا فوري طور تي امن امان لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪن.ملاقات ۾ مولانا قمر الدين، سينيٽر مولانا فيض محمد ۽ اسلم غوري به موجود هئا

پهنجو تبصرو موڪليو