بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊون، پولنگ ختم ڳڻپ جاري

بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊون، پولنگ ختم ڳڻپ جاري

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ڳڻپ جاري آهي.، ووٽنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام پنج وڳي تائين جاري رهي. پولنگ دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، 7 ضلعا انتهائي حساس قرار ڏنا ويا هئا، ڪجهه علائقن ۾ جهيڙن سبب پولنگ معطل ٿي پر ڪجهه دير بعد بيهر شروع ٿي وئي. مجموعي طور چونڊ عمل پر امن رهيو. صوبي ۾ هيل تائين هڪ هزار 584 اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيل آھن ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته شهري علائقن ۾ 4 هزار 456 ۽ ٻهراڙي ۾ 14 هزار 611 اُميداورن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو