بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ 67 افغان طالبان مارجي ويا

بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ 67 افغان طالبان مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي وزيرِ اطلاعات عطا الله تارڙ افغان طالبان خلاف جاري ڪارروائي “غضب للحق” جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا۔
هن ٻڌايو آهي ته افغان طالبان اتر بلوچستان ۾ قلعہ سيف الله، نوشڪي ۽ چمن ضلعن جي سورهن هنڌن تي زميني حملا ڪيا۔ بلوچستان ۾ افغان طالبان پنجويهه هنڌن تي پاڪ فوج خلاف فائرنگ ۽ چڙهائين جون ڪارروائيون ڪيون، پر سڀني هنڌن تي انهن حملن کي اثرائتي نموني ناڪام بڻايو ويو۔
هن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ افغان طالبان جا ستاويهه ڪارندا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏهن ته وطن جي دفاع دوران ايف سي بلوچستان جو هڪ جوان شهيد ۽ پنج جوان زخمي ٿيا۔
عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ هڪ هنڌ تي زميني حملي جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ صوبي ۾ ٻارهن هنڌن تي فائرنگ ڪئي وئي، جن کي بغير ڪنهن جاني نقصان جي ناڪام بڻايو ويو۔ جڏهن ته صوبي ۾ سڄي رات جاري ڪارروائين دوران افغان طالبان جا چاليهه ڪارندا مارجي ويا۔
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪارروائيون اڃا جاري آهن ۽ ڪارروائي بابت تفصيلي ڄاڻ ٿوري وقت ۾ جاري ڪئي ويندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو