بلوچستان: هڙتال ڪرڻ تي پروفيسر سميت 34 استاد جبري ريٽائرڊ

بلوچستان: هڙتال ڪرڻ تي پروفيسر سميت 34 استاد جبري ريٽائرڊ

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ هڙتال ڪرڻ تي 34 استادن کي جبري ريٽائر ڪيو ويو.هائر ايجوڪيشن کاتي بلوچستان هڙتال ڪرڻ جي الزام ۾ 20 هين گريڊ جي پروفيسر سميت ڪاليج کاتي جي 34 استادن کي جبري ريٽائر ڪري ڇڏيو آهي.حڪام موجب، ملازمت تان هٽايل ماڻهن ۾ 17 هين گريڊ جا 16 ليڪچررز، 18 هين گريڊ جا 12 اسسٽنٽ پروفيسر ۽ 19 هين گريڊ جا 5 ايسوسيئيٽ پروفيسر شامل آهن. هائر ايجوڪيشن کاتو ان کان اڳ به 3 اسسٽنٽ پروفيسرن کي جبري ريٽائر ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو